ڀارت چاهي ٿو ته پاڪستان عالمي سطح تي اڪيلو ٿي وڃي: خورشيد محمود قصوري

اڳوڻي پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري چيو آهي ته ڀارت جي خواهش آهي ته پاڪستان ڪنهن طرح عالمي سطح تي اڪيلو ٿي وڃي، پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ سفارتي سطح تي اڪيلو نٿو ٿي سگهي.

خورشيد قصوري پنهنجي نئين بيان ۾ چيو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو پاران پاڪستان جو موقف ڀرپور نموني پيش ڪيو ويو آهي.

اڳوڻي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته ڪو به عالمي فورم نه ڇڏڻ گهرجي، جتي پاڪستان جو موقف پيش ڪري سگهون.

هن وڌيڪ چيو ته مون ڪڏهن به قومي مفادن تي سياست ناهي ڪئي، ملڪ اڄ ڪيترن ئي مسئلن ۾ گھريل آهي.

خورشيد قصوري چيو آهي ته جيڪڏهن هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻو ناهي ته اها جمهوريت ناهي، جمهوري عمل کي وڌائڻ لاءِ برداشت ضروري آهي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ پاران اٽارني جنرل کي سڀاڻي تائين پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم

Read Next

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جسٽس مظهر نقوي جي اثاثن جي جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي

Most Popular