پنجاب اسيمبلي بحال ڪرڻ واري درخواست رد، درخواستگذار تي هڪ لک رپيا ڏنڊ

لاهور هائي ڪورٽ

لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب اسيمبلي جي بحالي لاءِ داخل درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم شرف علي جي درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.

درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته پنجاب جي وڏي وزير بنا ڪنهن سبب جي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي.

جسٽس شاهد ڪريم پڇاڻو ڪيو ته درخواست ڪنهن ڏني آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل جواب ڏنو ته درخواستگذار جو تعلق فيصل آباد سان آهي ۽ سياسي ڪارڪن آهي.

جسٽس شاهد ڪريم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪهڙي قسم جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي؟ اهڙيون درخواستون عدالت جو وقت ضايع ڪن ٿيون.

عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي چيو ته جيڪڏهن هو ڏنڊ معاف ڪرڻ جي درخواست ڪندو ته 2 لک رپيا ڏنڊ ڏيندو.

Read Previous

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جسٽس مظهر نقوي جي اثاثن جي جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي

Read Next

وڏي وزير اداڪارا شبيران چنا جي علاج جي هدايت ڪري ڇڏي

Most Popular