عمران خان جي آمريڪي ڪانگريس ميمبر ميڪسين مور واٽرز سان مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي

پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر ميڪسين مور واٽرز سان مبينا ملاقات جو مبينا آڊيو ليڪ سامهون آيو آهي.

عمران خان ميڪسين مور واٽرز کي چيو ته 99 سيڪڙو پاڪستان مون سان گڏ آهي، هن ڳالهه ٻولهه دوران بي اعتمادي واري رٿ جو سمورو ملبو اڳوڻي آرمي چيف تي اڇلائي ڇڏيو.

عمران خان چيو ته پاڪستان تاريخ جي انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، مون کي گوليون هنيون ويون.

عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت معاشي طور تي تمام سٺو ڪم ڪري رهي هئي، پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪنهن جمهوري پارٽي خلاف اهڙو ڪريڪ ڊائون ناهي ٿيو.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان صرف قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي چاهيون ٿا، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ آواز اٿاريو.

Read Previous

جماعت اسلامي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ميئر پيپلز پارٽي جو هوندو، ناصر شاهه

Read Next

لاهور ۾ پوليس بابر اعظم کي روڪي ورتو

Most Popular