منهنجي شادي تي رڳو ڏيڍ لک رپيا خرچ ٿيا، امرتا رائو جو انڪشاف

بالي ووڊ اداڪارا امرتا رائو انڪشاف ڪيو آهي ته سندس شادي بالي ووڊ انڊسٽري جي سستي ترين شادين مان هڪ هئي، جنهن تي لڳ ڀڳ ڏيڍ لک رپيا خرچ ٿيا.

وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم يوٽيوب تي هڪ ويلاگر کي ڏنل انٽرويو ۾ اداڪارا پنهنجي شادي جي خرچن ۽ شادي جي لباس بابت آگاهه ڪيو.

هن چيو ته هن 2014 ۾ آر جي انمول سان هڪ مندر ۾ ويجهن مائٽن ۽ دوستن جي موجودگي ۾ شادي ڪئي ۽ هاڻي کين هڪ ڌيءُ آهي.

اداڪارا امرتا رائو هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اسان پنهنجي شادي تي رڳو ڏيڍ لک رپيا خرچ ڪيا، جنهن ۾ شادي جا ڪپڙا، سفر ۽ ٻيا سمورا خرچ شامل هئا.

هن ٻڌايو ته سندس شادي جي لباس جي قيمت صرف 3 هزار رپيا هئي، اڳ ئي سادگي سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن بابت هن پنهنجي مڙس انمول کي به آگاهه ڪيو هو.

اهو ئي سبب آهي جو شادي جي تقريب ۾ ڊزائنر لباس نه پر هڪ سادي روايتي لباس جو انتخاب ڪيو، جنهن جي قيمت صرف 3 هزار رپيا هئي جڏهن ته شادي واري هنڌ تي صرف 11 هزار رپيا خرچ آيو.

Read Previous

آمريڪا پاران پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو

Read Next

فلم ڊان جي ٽئين سيڪوئل ۾ شاهه رخ خان جي جاءِ رنوير سنگهه وٺي ڇڏي

Most Popular