گوگل غير فعال اڪائونٽس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيليفورنيا: ٽيڪنالاجي جي وڏي ڪمپني گوگل غير فعال اي ميل اڪائونٽس بابت نئين پاليسي جو اعلان ڪيو آهي.

2020 ۾ متعارف ڪرايل پراڻي پاليسي ۾ ڪمپني گوگل فوٽوز لاءِ لامحدود اسٽوريج ختم ڪندي چيو ته جيڪڏهن اڪائونٽ ۾ موجود ڊيٽا ٻن سالن تائين استعمال نه ڪئي وئي ته ڪمپني ان کي ڊيليٽ ڪري سگهي ٿي.

پر تازو ئي پراڊڪٽ مئنيجر روٿ ڪرشلي هڪ بلاگ پوسٽ ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو اڪائونٽ ٻن سالن تائين غير فعال رهي ته مڪمل طور تي ڊليٽ ڪري سگهجي ٿو.

رپورٽن مطابق نئين پاليسي هن سال ڊسمبر کان اڳ لاڳو نه ٿيندي، ٻئي طرف حذف ٿيل جي ميل پتي کي ٻيهر استعمال لاءِ دستياب نه ڪيو ويندو.

گوگل موجب، اڪائونٽ فعال ٿيڻ جو اندازو اي ميل پڙهڻ يا موڪلڻ، گوگل ڊرائيو استعمال ڪرڻ، يوٽيوب وڊيوز ڏسڻ، گوگل پلي اسٽور تان ايپ ڊائون لوڊ ڪرڻ، گوگل سرچ استعمال ڪرڻ، يا جي ميل ايڊريس سان ٽئين پارٽي جي ايپ يا سروس ۾ سائن ان ٿيڻ سان طئي ڪيو ويندو آهي.

Read Previous

ٽوئٽر بليو ٽڪ استعمال ڪندڙ صارفين ٻن ڪلاڪن تائين وڊيو اپلوڊ ڪري سگھندا

Read Next

ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت وڃڻ جو فيصلو شاهد آفريدي کي ناهي ڪرڻو، نجم سيٺي

Most Popular