ٽوئٽر بليو ٽڪ استعمال ڪندڙ صارفين ٻن ڪلاڪن تائين وڊيو اپلوڊ ڪري سگھندا

ڪيليفورنيا: سوشل نيٽ ورڪنگ پليٽ فارم ٽوئٽر بليو ٽِڪ استعمال ڪندڙن لاءِ وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ جي حد ٻن ڪلاڪن تائين وڌائي ڇڏي آهي.

ٽوئيٽر جي سي اي او ايلون مسڪ هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ٽوئيٽر بليو جا سبسڪرائبر هاڻي ٻه ڪلاڪ جون ڊگهيون وڊيوز اپلوڊ ڪري سگهندا.

ڪمپني موجب اپ لوڊ ٿيل وڊيو فائل جي سائيز کي به 2 جي بي کان وڌائي 8 جي بي ڪيو ويو آهي.

ٽوئٽر بليو ۾ تبديلين جي حصي طور وڊيوز ٽوئٽر جي آئي اوز ايپ ذريعي اپلوڊ ڪري سگھجن ٿيون، جيڪا اڳ ۾ رڳو ويب تي موجود ھئي، بهرحال، وڊيو معيار مڪمل ايڇ ڊي رهي ٿو.

Read Previous

موٽرولا ريزر 40 فولڊ ايبل سيريز جي لانچنگ جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

گوگل غير فعال اڪائونٽس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular