ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت وڃڻ جو فيصلو شاهد آفريدي کي ناهي ڪرڻو، نجم سيٺي

Najam-Sethi

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت وڃڻ جو فيصلو شاهد آفريدي کي ناهي ڪرڻو، ڀارتي ۽ پاڪستاني حڪومت کي ڪرڻو آهي.

پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت وڃڻ جو فيصلو شاهه ۽ منهنجو به ناهي، اهي فيصلا سڪيورٽي جي بنياد تي ٿين ٿا، جيڪڏهن حڪومت چوي ٿي ته توهان ورلڊ ڪپ کيڏڻ وڃو ته ضرور وينداسين.

نجم سيٺي چيو ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سربراهه جئي شاهه جي درخواست تي نائب صدر پنڪج کمجي سان ملاقات ڪئي، هائبرڊ ماڊل تي هاڪاري ردعمل آيو، جيئي شاهه کي بريفنگ جو ٻڌايو.

هن چيو ته مون کي 15 مئي تائين ٻڌائڻ جو چيو ويو هو پر مان اڃا تائين فيصلي جو انتظار ڪري رهيو آهيان، سريلنڪا جو اي سي سي تي دٻاءُ آهي ته نيوٽرل وينيو سريلنڪا کي ٺاهيو وڃي.

Read Previous

گوگل غير فعال اڪائونٽس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

سمجهه نٿو اچي ته ڪرڪيٽ بورڊ ورلڊ ڪپ بابت ايترو ضد ڇو پيو ڪري: شاهد آفريدي

Most Popular