سلمان خان ممبئي ۾ 19 ماڙ لگزري هوٽل ٺاهڻ جي تياري ۾ رڌل

بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان پنهنجي خاندان سان گڏ ممبئي ۾ هڪ شاندار لگزري هوٽل ٺاهڻ جو منصوبو جوڙي رهيو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب سلمان خان خاندان ان مقصد لاءِ باندرا جي ڪارٽر روڊ تي هڪ پلاٽ خريد ڪيو آهي، جتان سمنڊ نظر اچي ٿو.

لاڳاپيل اختيارين 19 ماڙ هوٽل جي عمارت جي تعمير جي منصوبي جي پڻ منظوري ڏني آهي، هوٽل ٺاهڻ جو منصوبو هڪ سال اڳ اختيارين کي ٻڌايو ويو هو.

سلمان جي ماءُ سلميٰ خان هن ملڪيت جي مالڪ آهي، هن عمارت جي اوچائي 70 ميٽر هوندي جڏهن ته اها سينٽرل ايئرڪنڊيشنڊ هوندي.

عمارت ۾ هڪ ٽي ماڙ بيسمينٽ به هوندو، جنهن ۾ پهرين ۽ ٻي منزل تي هڪ ڪيفي ۽ ريسٽورنٽ هوندو.

Read Previous

مان موسيقي جي ساڳي صنف ۾ رهڻ چاهيان ٿو، سجاد علي

Read Next

عمران خان پاران گيت عورتن کي همٿائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، عاصم اظهر

Most Popular