عمران خان پاران گيت عورتن کي همٿائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي، عاصم اظهر

پاڪستان جي مشهور ڳائڻي عاصم اظهر پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران پنهنجي پارٽي جي عورت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي حوصلا افزائي لاءِ سندس گيت استعمال ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

عمران خان مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن جي پس منظر ۾ عاصم اظهر پاران ڳايل اصل سائونڊ ٽريڪ (او ايس ٽي) جو ايڊٽ ڪيل ورزن ڊراما سيريل ”ضنفِ آهان“ لاءِ ٻڌي سگهجي ٿو.

وڊيو ۾ 9 مئي تي عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ ٿيندڙ احتجاج ۾ پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن جون مختلف ڪلپس ڏيکاريل آهن.

عاصم اظهر عمران خان جي ٽوئيٽ تي خوشي جو اظهار ڪندي لکيو ته اها منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته جيڪو گيت مون لکيو ۽ ڳايو اهو اسان جي ڪپتان پاڪستان جي عورتن جي حوصلا افزائي لاءِ شيئر ڪيو.

Read Previous

سلمان خان ممبئي ۾ 19 ماڙ لگزري هوٽل ٺاهڻ جي تياري ۾ رڌل

Read Next

سنڌ جي وڏي وزير ميئر ڪراچي جي حوالي سان مذاق ڪيو: وقار مهدي

Most Popular