ڀارت مگ 21 جنگي جهازن جي سموري فليٽ کي گرائونڊ ڪري ڇڏيو

راجسٿان حادثي کانپوءِ هندستاني هوائي فوج مگ 21 فائٽر جهازن جي سموري فليٽ کي گرائونڊ ڪري ڇڏيو.

هن مهيني جي شروعات ۾ راجسٿان ۾ مگ 21 حادثي جي جاچ تائين سموري فليٽ کي گرائونڊ ڪيو ويو آهي، جنهن کي ‘فلائنگ تابوت’ طور سڃاتو وڃي ٿو.

ياد رهي ته 8 مئي تي سورت ڳڙهه ايئربيس تان اڏامندڙ مگ 21 جهاز هنومان ڳڙهه جي ڳوٺ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو هو، جنهن ۾ 3 ڳوٺاڻا حياتيون وڃائي ويٺا هئا.

مگ 21 جا مختلف ماڊل گذريل 50 سالن کان انڊين ايئر فورس جو حصو آهن.

هاڻي هندستاني هوائي فوج ۾ صرف 3 مگ 21 اسڪواڊرن آهن ۽ اهي سڀئي 2025 ۾ رٽائر ٿي ويندا.

مگ 21 جهاز 1960ع ۾ هوائي فوج ۾ شامل ڪيا ويا ۽ هينئر تائين 800 جهاز هندستاني هوائي فوج جو حصو بڻجي چڪا آهن.

Read Previous

عمران خان پهريان ڪشمير ڪاز ۽ هاڻي پاڪستاني ڪاز کي نقصان پهچائي رهيو آهي، شرجيل ميمڻ

Read Next

دبئي جي هڪ ڊگهي عمارت تي هٿرادو چنڊ لڳائڻ جي تياري

Most Popular