سيوهڻ جي عدالت پاران نورين قتل ڪيس جا جوابدار وڌيڪ ٻن ڏينهن لاءِ پوليس حوالي

سيوهڻ(رپورٽ : ياسين رند) سيوهڻ جي عدالت پرائمري ٽيچر نورين فاطمه قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ڀان سيدآباد ٿاڻي جي حد ۾ بيدردي سان قتل ڪيل ناري پرائمري ٽيچر نوين فاطما عرف نورعين مھر جي مبينا قتل ڪيس ۾ جوابدار ڀاءُ محسن مھر ۽ چاچي جمن خان مھر کي پوليس سخت پهري هيٺ اڄ ٻيهر سيوھڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت ٻنهي جوابدارن محسن مهر ۽ محمد جمن مهر کي 2 ڏينهن جي پوليس ريمارڊ تي پوليس حوالي ڪندي سندن طبي معائنو ڪرائڻ جو پڻ حڪم جاري ڪيو.

جوابدار ڌر پاران اسپتال ۾ داخل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست پڻ جمع ڪرائي وئي پر سيڪنڊ سول جج اھڙي درخواست رد ڪري ڇڏي.

ان موقعي تي پيشي دوران ميڊيا سان ڳالھائيندي ناري نوين مھرجي ڀاءُ محسن مھر چيو ته اسان کي پوليس 3 ڏينهن لڳاتار تشدد ڪيو آهي منهنجي ڀيڻ کي جنهن به قتل ڪيو آهي، خدا ۽ ڪورٽ ان کي نه ڇڏيندي.

محسن مھر پسٽل قبرستان مان ھٿ ڪرڻ واري سوال کي رد ڪندي چيو ته پسٽل اسان ڪجھه ڏينهن اڳ ھن ڪيس جي جاچ آفيسر اي ايس پي سيوھڻ بيدار بخت وٽ ليسن ۽ شناختي ڪارڊ سان گڏ سندس آفيس ۾ جمع ڪرايو ھو پر خبر ناھي ته ھاڻي پسٽل ڇو ظاھر ڪري ٻيھر ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي.

Read Previous

برٽش ايئر ويز پنهنجي نئين يونيفارم ۾ حجاب کي شامل ڪري ڇڏيو

Read Next

هميشه سازش تحت سنڌين کي گهٽ ۽ ٻاهرين ماڻهن کي وڌيڪ ڳڻيو وڃي ٿو: رياض چانڊيو

Most Popular