هميشه سازش تحت سنڌين کي گهٽ ۽ ٻاهرين ماڻهن کي وڌيڪ ڳڻيو وڃي ٿو: رياض چانڊيو

سيوهڻ : جئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به انصاف ڀري آدمشماري نه ٿي آهي، هميشه سازش تحت سنڌين کي گھٽ ڏيکاريو ويو ۽ ٻاھران آيل ماڻهن کي وڌيڪ ڳڻيو ويو.

سنڌ ‏ جعلي آدشماري مھانگائي غربت قومي جبر ۽ ٻين سنڌ دشمن سازشن خلاف 28 مئي تي ڏنل ھڙتال جي سڏ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو سيوهڻ پھچي دڪاندارن ۾ ھڙتال بابت پمفليٽ ورهايا.

سيوهڻ پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به انصاف ڀري آدمشماري نه ٿي آهي جڏهن به آدمشماري ٿي آهي ته سازش تحت سنڌين کي گھٽ ڏيکاريو ويو آهي ۽ ٻاھران آيل ماڻهن کي وڌيڪ ڳڻيو ويو آهي ۽ اسان جو تعداد گھٽ ڏيکاريو ويو آهي.

ھن چيو ته 40 لک افغاني ڪراچي ۾ ڳڻيا ويا آهن ۽ اھي اڳ ئي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر بنيل آھن ڪراچي پوليس جي نوڪريءَ کان وٺي سمورن کاتن ۽ ڪارخانن تي به انھن جو قبضو آهي ۽ ھو سنڌين کي سري عام ماري رھيا آھن سنڌين جاڳوٺ ڊاھيا پيا وڃن دھشتگردي ء گنڊہ گردي جو راڄ قائم ٿيل آھي پر انھن کي پناھگير ڪئيمپن ۾ رھائيڻ يا واپس موڪلڻ بجاءِ اسان مٿان مڙھيو ويو آهي.

ھن چيو ته سال 2023 جي آدمشماري جماعت اسلامي جھڙي انتھا پسند تنظيم, دھشتگرد ايم ڪيو ايم ۽ حڪمرانن بلاول زرداري ۽ شھباز شريف جي سھڪار سان 50 لک کان وڌيڪ ڪوڙي ڳڻپ ڪرائي ڪراچي جي آبادي وڌائي وئي آهي ته جيئن سنڌ اسيمبلي جون ھٿرادو طريقي سان سيٽون وڌائي سنڌين کان انھن جو وطن کسي ڇڏجي.

ھن چيو ته سنڌ کي بچائڻ ۽ پنھنجي وجود کي بچائڻ لاءِ 28 مئي تي ھڙتال کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سموري سنڌ کي نڪرڻو پوندو.

Read Previous

سيوهڻ جي عدالت پاران نورين قتل ڪيس جا جوابدار وڌيڪ ٻن ڏينهن لاءِ پوليس حوالي

Read Next

فاسٽ بالر احسان الله خان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڏجي ويو

Most Popular