اچو پاڪستان خاطر نفرتن جي ڀت ڊاهڻ جو وچن ڪريون: بلاول ڀٽو

بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد جو موت قوم جي حيات آهي.

شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي وڊيو پيغام ۾ بلاول ڀٽو چيو ته هر محب وطن پاڪستاني پنهنجو فرض سمجهي ٿو ته پنهنجي ڌرتي جي محبت ۾ شهيد ٿيندڙن سان محبت ڪري.

هن چيو ته جيڪي قومون پنهنجن شهيدن کي وساري ويهن ٿيون، انهن جو تاريخ ۾ نالو وٺڻ وارو ڪو به ناهي، اسان سڀني شهيدن جي رت جا قرضدار آهيون.

بلاول ڀٽو چيو ته اچو ته گڏجي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو عزم ڪريون، نفرتن جي سمورين ديوارن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏينداسين، ملڪ جي سمورن شهيدن جي قربانين کي نه رڳو ياد رکيو ويندو پر انهن جي حرمت تي ڪڏهن به ڪوسو واءُ اچڻ نه ڏينداسين.

Read Previous

اسان جي نمائندگي ختم ڪئي پئي وڃي، حافظ نعيم الرحمان

Read Next

آمريڪا بنگلاديش لاءِ ويزا پاليسي کي جمهوري قدرن سان ڳنڍي ڇڏيو

Most Popular