آمريڪا بنگلاديش لاءِ ويزا پاليسي کي جمهوري قدرن سان ڳنڍي ڇڏيو

آمريڪا بنگلاديش لاءِ ويزا پاليسي کي جمهوري قدرن سان ڳنڍي ڇڏيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته نئين ويزا پاليسي بنگلاديش ۾ آزاد، شفاف ۽ پرامن قومي چونڊن جي حمايت ڪرڻ آهي، جمهوري چونڊ عمل کي نقصان پهچائڻ وارن کي آمريڪي ويزا نه ملندي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاليسي اختيارين، سڪيورٽي فورسز، عدليه ۽ سياسي اڳواڻن تي لاڳو ڪئي ويندي، جمهوري قدرن کي سبوتاز ڪرڻ وارن عنصرن ۾ چونڊ ڌانڌلي ۽ ووٽر کي ڌمڪيون شامل آهن.

انٽوني بلنڪن چيو ته سياسي پارٽين، ووٽرن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ کان روڪڻ برداشت نه ڪيو ويندو.

واضح رهي ته بنگلاديش ۾ جنوري ۾ چونڊون ٿينديون، اپوزيشن پارٽين وزيراعظم شيخ حسينه واجد کان عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Read Previous

اچو پاڪستان خاطر نفرتن جي ڀت ڊاهڻ جو وچن ڪريون: بلاول ڀٽو

Read Next

فلوريڊا جو گورنر رون ڊي سينٽس صدارتي چونڊن ۾ ريپبلڪن اميدوار بڻجڻ جي ڊوڙ ۾ شامل

Most Popular