انگلينڊ ۾ ليگ ميچ دوران زخمي ٿيڻ کانپوءِ شاداب خان جو بيان سامهون اچي ويو

انگلينڊ ۾ ليگ ميچ دوران زخمي ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان جو بيان سامهون اچي ويو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شاداب خان چيو ته شڪر آهي ته هاڻي بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان.

شاداب خان جو چوڻ آهي ته منهنجا سمورا ڪنيڪشن ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، احتياطي طور ڪجهه ڏينهن آرام ڪندس، دعائن ۽ سهڪار تي سڀني جو شڪريو ادا ڪريان ٿو.

واضح رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر شاداب خان انگلينڊ ۾ جاري ٽي 20 بلاسٽ ۾ سسڪس طرفان ڊيبيو ميچ ۾ زخمي ٿي پيو هو.

سمرسيٽ خلاف ميچ ۾ شاداب ساٿي فيلڊر ناٿن ميڪ اينڊريو سان ٽڪرائجي ويو جڏهن ته ٽام ڪوهلر ڪيڊمور جو اوچائي ڪيچ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي.

Read Previous

سلمان خان وڪي ڪوشل کي ڳلي لڳائي مداحن جون دليون کٽي ورتيون

Read Next

گوگل اڪائونٽ لاءِ پاسورڊ کان ڇوٽڪارو ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿو؟

Most Popular