يوم تکبير: پاڪ فضائيه پاران هوائي سرحدن جي حفاظت جي عزم جو ورجاءُ

يوم تڪبير جي موقعي تي پاڪ فضائيه پاڪستان جي فضائي سرحدن جي حفاظت لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي.

پاڪ فضائيه جي ترجمان جوهري تجربن جي سلور جوبلي تي پاڪستاني قوم جي عزم کي سلام پيش ڪيو آهي.

پاڪ فضائيه جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اڄ پاڪستان ڀارتي ايٽمي تجربن جي جواب ۾ ڌماڪو ڪري پنهنجي ايٽمي صلاحيت جو ثبوت ڏنو.

پاڪ فضائيه جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪ فضائيه سي 130 جهاز ذريعي ايٽمي حساس سامان ٽيسٽ سائيٽ تي پهچايو.

پاڪ فضائيه جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايٽمي تجربي دوران پاڪ فضائيه جا جنگي جهاز هاءِ الرٽ رهيا.

پاڪ فضائيه جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جهازن ايٽمي تجربي کان اڳ ۽ ان دوران فضائي سيڪيورٽي فراهم ڪئي.

پاڪ فضائيه جي ترجمان وڌيڪ چيو ته شاهين پائليٽ دشمن جي ڪنهن به جارحيت کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهن.

پاڪ فضائيه جي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان ايئر فورس کي ان تاريخي واقعي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي فخر آهي.

Read Previous

ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ زلزلي جا لوڏا

Read Next

پي ٽي آءِ جي هڪ ٻئي اڳواڻ پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular