نئين ڀارتي پارليامينٽ جي افتتاح تي مودي جي سامهون سوره رحمان جي تلاوت

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ماضي ۾ به ڪيترائي ڀيرا سخت هندو قومپرست هجڻ جي ڪري تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي چڪو آهي.

ڪالهه جڏهن نريندر مودي نئين ڀارتي پارليامينٽ جو افتتاح ڪيو ته اها افتتاحي تقريب بنا ڪنهن تڪرار جي ختم نه ٿي.

نئين ڀارتي پارليامينٽ جي شاندار تقريب ۾ قرآن پاڪ جي سوره رحمان جي تلاوت هڪ نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي.

آچر تي ٿيندڙ افتتاحي تقريب جو درجن کان وڌيڪ مخالف ڌر پارٽين بائيڪاٽ ڪيو، جنهن سبب ڇڪتاڻ وڌي وئي، جيئن ئي تقريب شروع ٿي، هندو پنڊتن روايتي رسمون ادا ڪيون ۽ مذهبي گيت ڳايا، ملڪ ۾ هندو اڪثريت جي احساس کي اجاگر ڪيو.

ساڳئي وقت قرآن پاڪ جي سوره رحمٰن جي تلاوت تي مختلف حلقن کان حيرت ۽ تنقيد ٻنهي طرفن کان ڪئي وئي.

حڪمران جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي ڪيترن ئي مخالفن ۽ مسلم برادري جي ميمبرن وزيراعظم تي الزام لڳايو ته هو پارليامينٽ جي افتتاحي تقريب ۾ سوره رحمان جي تلاوت شامل ڪري مسلمانن خلاف پنهنجي تعصب کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

Read Previous

رجب طيب اردگان مسلسل ٻيو ڀيرو ترڪي جو صدر چونڊجي ويو

Read Next

اتر ڪوريا ‘سيٽلائيٽ’ لانچ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، جاپان

Most Popular