اتر ڪوريا ‘سيٽلائيٽ’ لانچ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، جاپان

جاپان جي حڪومت چيو آهي ته اتر ڪوريا ايندڙ هفتي ۾ هڪ سيٽلائيٽ لانچ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

پرڏيهي ميڊيا موجب جاپاني ڪوسٽ گارڊ جي هڪ اهلڪار جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا 31 مئي کان 11 جون جي وچ ۾ هڪ سيٽلائيٽ لانچ ڪرڻ بابت جاپان کي آگاهه ڪيو آهي، جيڪو بيلسٽڪ ميزائل ٿي سگهي ٿو.

جاپاني عملدارن جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا جي لانچ ۾ بيلسٽڪ ميزائل شامل هوندو، جڏهن ته پيانگ يانگ ان کي سيٽلائيٽ سڏيندو آهي.

ڪوسٽ گارڊ جي ترجمان پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته پيانگ يانگ جاپان جي ڪوسٽ گارڊ کي آگاهه ڪيو آهي ته 31 مئي کان 11 جون جي وچ ۾ هڪ راڪيٽ لانچ ڪيو ويندو ۽ اهو ممڪن آهي ته سامونڊي علائقي ۾ نقصان پهچائي.

ٻئي طرف جاپاني وزيراعظم اتر ڪوريا تي زور ڏنو آهي ته هو ميزائل لانچ ڪرڻ کان پاسو ڪري ٻي صورت ۾ هو پنهنجي اتحادين آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا سان گڏجي ڪارروائي ڪندو.

واضح رهي ته اتر ڪوريا اپريل ۾ پنهنجي پهرين جاسوس سيٽلائيٽ تي ڪم مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، اهڙي لانچ ڊگهي رينج ميزائل ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي جيڪا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت پابندي مڙهيل آهي.

Read Previous

نئين ڀارتي پارليامينٽ جي افتتاح تي مودي جي سامهون سوره رحمان جي تلاوت

Read Next

ياسين ملڪ تي ٿرڊ ڊگري تشدد ڪيو پيو وڃي، مشال ملڪ

Most Popular