ياسين ملڪ تي ٿرڊ ڊگري تشدد ڪيو پيو وڃي، مشال ملڪ

ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهر واري مشال ملڪ چيو آهي ته ياسين ملڪ ڪشميرين جي آزادي جو علم کنيو، ڪشمير لاءِ پنهنجون سموريون خوشيون قربان ڪيون، کيس جيل ۾ ٿرڊ ڊگري ٽارچر جو نشانو بڻايو پيو وڃي پر ياسين ملڪ جو حوصلو مضبوط آهي.

لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مشال ملڪ چيو ته ڪشميرين جي جنگ لاءِ هي زندگي تمام ننڍي آهي، جيل ۾ ياسمين ملڪ کي جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته ان جو ذميوار مودي هوندو، ڀارتي حڪومت ڪشميرين جي رت جي اڃايل آهي.

هن چيو ته ڪيترن ئي شهيد ڪشميرين جا لاش سندن وارثن کي ناهن مليا، ياسين ملڪ هن صدي جو مجاهد آهي، هو هڪ لک ڀارتي فوج سان وڙهي رهيو آهي.

مشال ملڪ وڌيڪ چيو ته ياسين ملڪ کي شهري حق نه ملي رهيا آهن، کيس سندس مڙس سان ملڻ ڏنو وڃي.

Read Previous

اتر ڪوريا ‘سيٽلائيٽ’ لانچ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، جاپان

Read Next

زائرا وسيم برقعو پهري شاديءَ ۾ کاڌو کائڻ واري عورت جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي

Most Popular