آءِ ايم ايف مشن چيف جو بيان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت قرار

ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) مشن جي سربراهه ناٿن پورٽر جي بيان کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت قرار ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه غوث پاشا چيو آهي ته پاڪستان قانون موجب هلي رهيو آهي.

هن چيو ته آءِ ايم ايف مشن چيف جو بيان غير معمولي آهي، پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت آءِ ايم ايف جو مينڊيٽ ناهي.

عائشه غوث پاشا جو چوڻ آهي ته قرض پروگرام ۾ دير پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ٻنهي جي مفاد ۾ ناهي، وزيراعظم ايم ڊي آءِ ايم ايف کي شرطن تي عملدرآمد ۽ پروگرام مڪمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.

ناڻي واري مملڪتي وزير چيو ته اميد آهي ته نئين بجيٽ کان اڳ عملي سطح تي معاهدو ٿي ويندو، 30 جون تي آءِ ايم ايف پروگرام ختم ٿي ويندو.

سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿيو ته ناڻي واري وزارت اکيون بند ڪري بيٺي آهي، پلان بي هميشه موجود آهي.

عائشه غوث پاشا چيو ته نئين بجيٽ 9 جون تي تيار ڪئي پئي وڃي، نئين بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏنو ويندو، ڪوشش هوندي ته عام ماڻهو تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي، آءِ ايم ايف پاڪستان کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏيڻ جي اجازت ڏئي ٿو.

Read Previous

آڊيو ليڪس ڪميشن به سپريم ڪورٽ جي بينچ تي اعتراض واري ڇڏيا

Read Next

عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ تيار ڪندڙ ڊاڪٽرن کي به 10 ارب هرجاڻي جو نوٽيس

Most Popular