عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ تيار ڪندڙ ڊاڪٽرن کي به 10 ارب هرجاڻي جو نوٽيس

پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) چيئرمين عمران خان ميڊيڪل رپورٽ تيار ڪري جاري ڪندڙ ڊاڪٽرن کي به قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي.

عمران خان جي منظوري سان پروفيسر ڊاڪٽر رضوان تاج کي 10 ارب رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس اماڻيو ويو، جيڪو سندس وڪيل بئريسٽر محمد احمد موڪليو آهي.

عمران خان طرفان موڪليل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جعلي ميڊيڪل رپورٽ تيار ڪرڻ تي ڊاڪٽر رضوان کان 10 ارب رپيا معاوضو ڏيڻ جو مطالبو ڪريان ٿو.

نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر رضوان عمران خان کان غير مشروط معافي گهري ۽ قومي ۽ عالمي ميڊيا ۾ نشر ڪري، 14 ڏينهن اندر معافي وٺي يا قانون کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهي.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر رضوان خلاف توهين، ٻين سول ۽ فوجداري قانونن تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

عمران خان جي نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر رضوان خلاف جعلي ميڊيڪل رپورٽ تيار ڪرڻ ۽ جاري ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل سان به رابطو ڪيو ويندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل کي 10 ارب رپيا هرجاڻي جو نوٽيس موڪليو هو.

Read Previous

آءِ ايم ايف مشن چيف جو بيان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت قرار

Read Next

190 ملين پائونڊ اسڪينڊل: بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست غير موثر قرار

Most Popular