ڪم جونگ ان جي خراب صحت بابت ڏکڻ ڪوريا جي وڏي دعويٰ

ڏکڻ ڪوريا جي انٽيليجنس ايجنسي چيو آهي ته اتر ڪوريا جو اڳواڻ ڪم جونگ اُن ننڊ جي خرابي ۽ امڪاني طور تي شراب ۽ نيڪوٽين ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو.

پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ڪوريا جون اختياريون ننڊ جي بيماري ۾ مبتلا اعليٰ آفيسرن جي ٻاهرين طبي معلومات گڏ ڪري رهيون آهن، جنهن ۾ علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن جا تفصيل به شامل آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي حڪمران پيپلز پاور پارٽي جي ميمبر يو سانگ نيشنل انٽيليجنس سروس جي بريفنگ جا تفصيل ميڊيا سان شيئر ڪيا.

هن چيو ته اتر ڪوريا تازو ئي ڪيترن ئي برانڊن جي پرڏيهي سگريٽن ۽ شراب سان گڏ پيش ڪيل اعلي معيار جي ناشتي جو هڪ وڏو تعداد درآمد ڪيو آهي.

ڪم جونگ ان جي تصويرن جي مصنوعي ذهانت جي تجزيي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته لڳي ٿو ته ڪم جونگ ان جو وزن به وڌي ويو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته اتر ڪوريا جي اڳواڻ جو وزن 140 ڪلوگرام کان وڌيڪ آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب يو سانگ جو چوڻ هو ته لڳي ٿو ته ڪم جونگ اُن شراب ۽ سگريٽ نوشي جو عادی آهي، جنهن ڪري سندس ننڊ جي خرابي ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، هن چيو ته هو ان جي علاج لاءِ منشيات جو استعمال پڻ ڪري رهيا آهن.

Read Previous

يو اي اي آمريڪا جي قيادت ۾ اتحاد سان ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو

Read Next

آمريڪا ۽ چين جي بچاءَ وارن وزيرن جي ملاقات نه ٿيڻ افسوسناڪ آهي، انٽوني بلاڪن

Most Popular