پرويز الاهي جي ترجمان اقبال چوڌري کي آزاد ڪيو ويو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ترجمان اقبال چوڌري کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي جي ترجمان اقبال چوڌري کي آزاد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ خواجا وقار کي به آزاد ڪيو ويو آهي.

اقبال چوڌري ۽ خواجا وقار کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن عدالت پرويز الاهي کي ترقياتي منصوبن ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ بري ڪيو هو، جنهن کانپوءِ پوليس کيس هڪ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو.

Read Previous

بجيٽ ۾ ٻارڙن لاءِ امپورٽيڊکير تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز

Read Next

ڀارت ۾ ٽرين حادثو، فوتين جو انگ 288 ٿي ويو

Most Popular