ڀارت ۾ ٽرين حادثو، فوتين جو انگ 288 ٿي ويو

ڀارتي رياست اوڙيسا جي بالاسور ضلعي ۾ 2 مسافر ريل گاڏين ۽ مال بردار ٽرين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 80 ٿي ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن پيش ايندڙ حادثي ۾ فوتين جو انگ 288 ٿي ويو آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو.

خوفناڪ حادثي ۾ 900 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي، جڏهن ته حادثي واري هنڌ تي امدادي ڪارروايون جاري آهن.

رپورٽن مطابق ڪولڪتا ويندڙ مسافر ٽرين جون 12 کان 15 ڪوچون پٽڙي تان لهي ويون ۽ ٻئي ٽريڪ تي ڪري پيون، جڏهن ته ٻئي ٽريڪ تي يشونت پور-هائوڙا مسافر ٽرين متاثر ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي.

Read Previous

پرويز الاهي جي ترجمان اقبال چوڌري کي آزاد ڪيو ويو

Read Next

آمريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن 6 جون کان سعودي عرب جو دورو ڪندو

Most Popular