جلد نين بسن سميت ٽيڪسي سروس شروع ڪري رهيا آهيون، شرجيل انعام ميمڻ

Sharjeel Memon

سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ٽرانسپورٽ جا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي ۽ چيو آهي ته اسان ٽرانسپورٽ جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، نئين بسن سان گڏ ٽيڪسي سروس به جلد شروع ڪئي ويندي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته ڪالهه ملڪي تاريخ جو اهم ڏينهن هو.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ هميشه مرضي موجب سوالن جا جواب ڏنا پر ڪالهه اهڙو نه ٿيو، کانئس سوال ڪيا ويا، کيس عدم اعتماد جي رٿ ذريعي ڪڍيو ويو ۽ هاڻي اوهان ڳالهين جي خواهشمند آهيو، اوهان جو ڪهڙو موقف آهي؟

هن چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ جواب ڏنو ته ان وقت ملڪ ۾ مارشل لا لڳل آهي، برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي انتظاميا کي انٽرويو نه ڏيڻ جو چيو ويو.

هن چيو ته هاڻي چيئرمين پي ٽي آءِ کي ڪير به نٿو بچائي سگهي.

سنڌ جي اطلاعات واري وزير پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ جا مسئلا جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

هن چيو ته هو سڄي سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جا منصوبا شروع ڪري رهيا آهن، هاڻي جيڪي بسون آرڊر ٿينديون اهي سڄي سنڌ ۾ هلايون وينديون.

هن چيو ته ڪراچي ۾ لياري ايڪسپريس وي تي چونڊيل بسون به هلايون وينديون، جڏهن ته ٽيڪسي سروس به جلد شروع ڪئي پئي وڃي، شهرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ منصوبا جاري آهن.

Read Previous

آن لائين سسٽم تي حاضري نه ڏيندڙ استادن جون پگهارون روڪڻ جو حڪم

Read Next

جوابدارن کي سڃاڻپ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي، آءِ جي پنجاب

Most Popular