جين ميريٽ پاڪستان ۾ پهرين عورت برطانوي هاءِ ڪمشنر مقرر

برطانيا جين ميريٽ کي پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جين ميريٽ جولاءِ جي وچ ڌاري پاڪستان ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀاليندي.

جين ميريٽ پاڪستان ۾ پهرين عورت برطانوي هاءِ ڪمشنر ٿيندي.

سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ جين ميريٽ چيو ته هو پاڪستان ۾ هاءِ ڪمشنر جي مقرري تي خوش آهي، پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

رپورٽن مطابق، جين ميريوٽ ان کان اڳ سيپٽمبر 2019ع کان جون 2023ع تائين ڪينيا ۾ هاءِ ڪمشنر طور خدمتون سرانجام ڏنيون.

Read Previous

آسٽريلوي سينيٽر کان جنسي حراسان ڪرڻ جي الزامن تي استعيفيٰ جو مطالبو

Read Next

وزيراعظم سان نجم سيٺي جي ملاقات

Most Popular