وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 25 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف حڪومتي اتحادي پاڪستان پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ٻوڏ متاثرن لاءِ 25 ارب رپين جي امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مختص رقم، جيڪا قرض تي ٻڌل بجيٽ ۾ شامل ٿيڻ جي اميد آهي، اها ٻوڏ متاثرين جي بحالي تي خرچ ڪئي ويندي.

وزيراعظم گذريل هفتي پارٽي اڳواڻن سان ملاقات دوران اها رقم مقرر ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو.

پ پ جي وفد ۾ سيد نويد قمر، شيري رحمان، سيد خورشيد شاهه، قمر الزمان ڪائره، سيد مراد علي شاهه ۽ نثار کهڙو شامل هئا.

وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران پيپلز پارٽي جي قيادت ڏکين معاشي حالتن باوجود بجيٽ ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن تي وزيراعظم جي تعريف ڪئي.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي اتحادين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي مطالبو ڪيو هو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ رقم مختص ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سندس پارٽي حڪومت جي بجيٽ جي حمايت نه ڪندي جيڪا هن مهيني منظور ٿيڻي آهي.

ڇنڇر ڏينهن سوات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو وزيراعظم کان بجيٽ ۾ ڪيل واعدا پورا نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي.

پرڏيهي وزير جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال تجويز ڏني ته معاملي تي ڪابينا ۾ بحث ڪيو وڃي ۽ نئون محاذ کولڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

Read Previous

حڪومت پاران فلم فنانس فنڊ شروع ڪرڻ جو اعلان

Read Next

يوناني ڪوسٽ گارڊز پاران مهاجرين جي ٻيڙي ڄاڻي واڻي ٻوڙي وئي

Most Popular