اسرائيل ۾ غير قانوني نوڪري ڪندڙ ميرپورخاص واسي 5 ڄڻا ڪراچي پهچندي ايف آءِ اي هٿان گرفتار

ڪراچي: ايف آءِ اي اسرائيل ۾ غير قانوني نوڪري ڪندڙ 5 ميرپورخاص جي رهواسين کي ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچندي ئي گرفتار ڪري ورتو آهي.

وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) جي ڪرائيم سرڪل ميرپورخاص اهم ڪارروائي ڪندي اسرائيل ۾ نوڪري ڪندڙ 5 ميرپورخاص جي رهواسين کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته گڏيل طور تي 8 جوابدارن خلاف 5 ڪيس داخل ڪيا ويا. جوابدار تل ابيب ۾ بطور هيلپر ۽ ڪار ڌوئڻ جي نوڪري ڪندا هئا ۽ 4 کان 7 سالن تائين تل ابيب ۾ ترسيل هئا.

ايف آءِ اي ترجمان موجب. جوابدارن اسرائيلي ايجنٽ ذريعي انٽري حاصل ڪئي. جوابدارن اسرائيلي ايجنٽ کي في ماڻهو3 کان 4 لک روپيه ادا ڪيا. گرفتار جوابدارن ۾ نعمان صديقي، ڪامل انور، ڪامران صديقي، محمد ذيشان ۽ انور جو تعلق ميرپورخاص سان آهي جيڪي شينگن ويزا تي جارڊن ايئرپورٽ مان اسرائيل ۾ داخل ٿيا هئا.

جوابدار ويسٽرن يونين ذريعي رقم پاڪستان اماڻيندا رهيا ۽ ترڪي ،ڪينيا، سريلنڪا جي رستي تان به جارڊن ايئرپورٽ کان اسرائيل ۾ داخل ٿيندا رهيا. جوابدار ملڪ واپسي جي لاءِ دبئي رستي جارڊن ايئرپورٽ کان ڪراچي پهتا هئا. جوابدارن خلاف پاسپورٽ ايڪٽ ۽ اميگريشن آرڊيننس جي تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

Read Previous

ڪراچي: گلستان جوهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو ناريءِ سان زيادتي جي ڪوشش

Read Next

وزيراعظم شهباز شريف مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

Most Popular