اليڪشن ڪميشن عام چونڊون جلد ڪرائڻ لاءِ تڪبندين وارو مدو گهٽائي ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن عام چونڊون جلد ڪرائڻ لاءِ تڪبندين وارو مدو گهٽائي ڇڏيو، تڪبندين جي حتمي ڇپائي 14 ڊسمبر بدران 30 نومبر تائين ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

اليڪشن ڪميشن پاران پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سياسي جماعتن سان مشاورت بعد تڪبندين جو وقت وڌيڪ گهٽايو ويو آهي، تڪبندين جي نئين تاريخ کي نظر ۾ رکندي اليڪشن شيڊول جو اعلان به ڪيو ويندو

اڄ جي ڊي اي اڳواڻن به اليڪشن ڪميشن سان مشاورتي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي، جي ڊي اي اڳواڻن صفدر عباسي، ڊاڪٽر فهميدا مرزا، سردار رحيم ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته تڪبنديون صاف ۽ شفاف چونڊن جو بنياد آهن، عام چونڊن لاءِ تڪبندين جو ڪم فوري طور مڪمل ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن جي به ڌر ٿيڻ نه گهرجي

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته آئين ۽ قانون تحت شفاف چونڊون ڪرايون وينديون، سياسي جماعتن سان مشاورت دوران سامهون ايندڙ تجويزن تي عمل ڪيو ويندو.

Read Previous

ناري سان گينگ ريپ: 10 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

Read Next

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول، بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف مظاهرا

Most Popular