سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول، بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول ، بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف مظاهرا، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف مظاهرا جاري آهن

ڪراچي، قمبر، کپرو، ڊکڻ، ڪنري، باڊهه ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا پيا وڃن، قاضي احمد، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ پيٽرول بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف مڪمل طور شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي

ڪراچي ۾ واپاري اتحاد جي سڏ تي بجلي بلن ۾ واڌ، پيٽرول جي قيمتون وڌڻ ۽ مهانگائي خلاف احتاججي مظاهرو ڪيو ويو، بجلي بلن ۾ واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بجلي بلن ۾ واڌ ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌڻ سبب اڃا مهانگائي وڌندي، اڳ ئي ماڻهو خودڪشين تي مجبور آهن، واهر ڪئي وڃي

Read Previous

اليڪشن ڪميشن عام چونڊون جلد ڪرائڻ لاءِ تڪبندين وارو مدو گهٽائي ڇڏيو

Read Next

حديقه ڪياني جي ڊرامي ”حادثه“ تي پابندي لڳي وئي

Most Popular