اروشي روٽيلا پاڪ ڀارت ميچ کان اڳ نسيم شاهه جي تصوير شيئر ڪئي

ڀارتي اداڪارا اروشي روٽيلا ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم شاهه سان گڏ پاڪستاني اسڪواڊ جي تصوير شيئر ڪئي.

انسٽاگرام تي اروشي روٽيلا طرفان شيئر ڪيل تصوير ۾ نسيم شاهه کي پاڪستاني اسڪواڊ سان گڏ ٽي وي اسڪرين تي ڏٺو ويو.

اروشي جي اها ڪهاڻي سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام ۽ ايڪس تي وائرل ٿي رهي آهي.

واضح رهي ته اروشي روٽيلا جم جي هڪ ڪهاڻي انسٽاگرام تي شيئر ڪئي هئي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اداڪارا اها ڪهاڻي ورڪ آئوٽ دوران شيئر ڪئي.

ڪنڊي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ کيڏي پئي وڃي، جنهن ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

Read Previous

ايشيا ڪپ ۾ اڄ سرفراز احمد جي هاءِ وولٽيج ميچ آهي

Read Next

فلم جوان جي 24 ڪلاڪن ۾ 3 لک کان وڌيڪ ٽڪيٽن جي ايڊوانس بڪنگ

Most Popular