فلم جوان جي 24 ڪلاڪن ۾ 3 لک کان وڌيڪ ٽڪيٽن جي ايڊوانس بڪنگ

سپر اسٽار شاهه رخ خان جاسوس جي ڪردار تي ٻڌل ٿرلر فلم پٺاڻ جي ڪاميابي کانپوءِ پنهنجي نئين فلم جوان جي رليز لاءِ تياري ڪري رهيو آهي.

هو تازو ئي فلم جي ٽريلر لانچ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ دبئي ويو هو.

جوان 7 سيپٽمبر تي رليز ٿيندي. فلم جي ايڊوانس بکنگ پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿي وئي آهي، هڪ ئي ڏينهن ۾ 3 لک 5 هزار ٽڪيٽون بک ڪيون ويون آهن.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب فلم جوان 3 لک 5 هزار ٽڪيٽن جي وڪرو مان 10 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بزنس ڪري ورتو آهي.

ڪنگ خان جي نئين فلم جوان پنهنجي ئي فلم پٺاڻ جو هڪ ڏينهن جي ٽڪيٽ وڪرو ڪرڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.

Read Previous

اروشي روٽيلا پاڪ ڀارت ميچ کان اڳ نسيم شاهه جي تصوير شيئر ڪئي

Read Next

فاطمه معاملي تي ڪو به دٻاءُ برداشت نه ڪنداسين، جان محمد مهر جي قاتلن جي خبر آهي:حارث نواز

Most Popular