فاطمه معاملي تي ڪو به دٻاءُ برداشت نه ڪنداسين، جان محمد مهر جي قاتلن جي خبر آهي:حارث نواز

نگران گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته راڻيپور واقعي بعد سنڌ جي درگاهن جو سرچ آپريشن ٿيندو، راڻيپور واقعي بعد سنڌ جي سمورين درگاهن جو سرچ آپريشن ڪيو ويندو

ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير حارث نواز چيو ته درگاهن جو سرچ آپريشن سميت خانگي ماڻھن وٽ موجود درگاهن کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويندو، شھيد فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس معاملي تي اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي نه وري ڪو دٻاءُ برداشت ڪنداسين

هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ بدامني جي هلندڙ لهر کي روڪڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ ايس ايس پيز جون سوچي سمجهي بدليون ڪري رهيا آھيون، ايماندار آفيسرن جي ڇنڍڇاڻ ٿئي پئي، ڪنهن به منشيات فروش ۽ ڏوهاري کي بخش نه ڪيو ويندو

نگران گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف انٽيليجنس بنيادن تي ٽارگيٽيڊ آپريشن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن، آپريشن ۾ رينجرز به شامل هوندي

حارث نواز چيو ته شھيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي اسان کي خبر آھي، عام چونڊون وقت تي ٿينديون، اسان ڪڏھن به سياسي انتقامي ڪارروائي جو حصو نه بڻجنداسين،

ٺٽي آمد تي نگران گهرو وزير جو پرجوش استقبال ڪيو ويو، مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي

Read Previous

فلم جوان جي 24 ڪلاڪن ۾ 3 لک کان وڌيڪ ٽڪيٽن جي ايڊوانس بڪنگ

Read Next

ڪنري ۾ ڳوٺاڻي کان ڦر ۽ وڌندڙ بدامني خلاف ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو

Most Popular