برطانوي تعليم واري وزير لفظن جي چونڊ تي معذرت ڪري ڇڏي

برطانيه جي تعليم واري سيڪريٽري گلين ڪيگن انهن لفظن تي معافي گهري آهي جيڪي هن اسڪول جي خراب ۽ خطرناڪ عمارتن بابت بحث دوران استعمال ڪيا هئا.

پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي وزير غير محفوظ اسڪولن جي عمارتن جي معاملي تي پنهنجي ڪم جي ساراهه نه ڪرڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪندي نامناسب لفظ استعمال ڪيا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانيا ۾ نئين ٽرم جي شروعات کان ڪجهه ڏينهن اڳ اسڪولن جون عمارتون ڊهي پٽ ٿيڻ جي انڪشافن سبب والدين ۽ استادن ۾ ڪاوڙ ۽ پريشاني پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 104 اسڪولن کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي حڪومت ان حوالي سان سروي کانپوءِ انگلينڊ جي 15 هزار اسڪولن مان 10 سيڪڙو جوابن جو انتظار ڪري رهي آهي.

Read Previous

ڀارت جو نالو بدلائي ’ڀارت‘ رکڻ جي تياري

Read Next

اتر ڪوريا جو صدر هلندڙ مهيني روس جو دورو ڪندو

Most Popular