اتر ڪوريا جو صدر هلندڙ مهيني روس جو دورو ڪندو

اتر ڪوريا جو سربراهه ڪم جونگ ان روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات لاءِ روس جو دورو ڪندو.

نيوز ايجنسين آمريڪي ميڊيا جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪم جونگ ان هلندڙ مهيني روس جو دورو ڪندو هٿياربند ٽرين ۾، ٻئي اڳواڻ روس کي جديد هٿيارن جي فراهمي تي ڳالهه ٻولهه ڪندا.

آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات جي هنڌ بابت ڄاڻ سامهون نه اچي سگهي آهي ۽ ٻنهي ملڪن ان حوالي سان ڪو به بيان جاري نه ڪيو آهي.

اتر ڪوريا جو صدر هڪ اهڙي وقت ۾ روس جو دورو ڪرڻ وارو آهي جڏهن آمريڪا خدشو ظاهر ڪيو آهي ته روس ۽ اتر ڪوريا هٿياربند ڳالهين ۾ آهن.

Read Previous

برطانوي تعليم واري وزير لفظن جي چونڊ تي معذرت ڪري ڇڏي

Read Next

اي سي سي صدر جئي شاهه جي من ماني سبب ايشيا ڪپ جو هنڌ تبديل نه ٿيڻ ڏنو ويو، پي سي بي کي سخت خدشا آهن.

Most Popular