اي سي سي صدر جئي شاهه جي من ماني سبب ايشيا ڪپ جو هنڌ تبديل نه ٿيڻ ڏنو ويو، پي سي بي کي سخت خدشا آهن.

ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) ايشيا ڪپ جي شيڊول جو مذاق اڏائي ڇڏيو.

اي سي سي جي صدر جيئي شاهه جي من ماني سبب ايشيا ڪپ جو هنڌ تبديل ٿيڻ نه ڏنو ويو.

ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ان تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي.

پهرين ميچن کي همبنٽوٽا منتقل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ هاڻي شيڊول موجب ڪولمبو ۾ ميچون منعقد ڪرڻ جو چيو ويو.

جيئي شاهه اڳ به ورلڊ ڪپ جي شيڊيول کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻي ايشيا ڪپ بابت فيصلن کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي.

سمورا لاجسٽڪ انتظام شروع ڪرڻ کانپوءِ هاڻي انتظامن کي نئين سر ڪرڻ گهرجي، صورتحال واضح نه ٿيڻ سبب رانديگر به پريشان آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ طرفي فيصلي کي مڃڻ کان انڪار ڪندي اي سي سي جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو.

پي سي بي مطالبو ڪيو آهي ته اجلاس ۾ وينيو جي شفٽنگ بابت متفقه فيصلو ڪيو وڃي.

ذريعن موجب سڀني کي اي ميل ذريعي همبنٽوٽا بابت آگاهه ڪيو ويو، ٻيهر اي ميل ذريعي سڀني کي ٻڌايو ويو ته ميچون ڪولمبو ۾ شيڊول موجب ٿينديون.

Read Previous

اتر ڪوريا جو صدر هلندڙ مهيني روس جو دورو ڪندو

Read Next

ايشيا ڪپ: سريلنڪا افغانستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو

Most Popular