ڇا ڪترينا ڪيف واقعي نڪ جي سرجري ڪرائي آهي؟

بالي ووڊ باربي ڊول ڪترينا ڪيف جي تازي وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا صارفين اهو اندازو لڳائي رهيا آهن ته هن پنهنجي نڪ سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرائي آهي.

اداڪارا ڪترينا ڪيف جو شمار شوبز انڊسٽري جي خوبصورت ترين اداڪارائن ۾ ٿئي ٿو، ڪترينا ڪيف پنهنجي اداڪاري جي صلاحيتن ۽ خوبصورتي سبب ڪروڙين دليون کٽي ورتيون آهن.

ڪترينا ڪيف نه رڳو هڪ بهترين اداڪارا آهي پر هڪ ڪاروباري ۽ ڪيترن ئي ميڪ اپ برانڊز جي مالڪ پڻ آهي.

هوءَ اڪثر پنهنجي بيوٽي برانڊ کي پروموٽ ڪندي نظر ايندي آهي.

ڪترينا ڪيف جي نئين وڊيو سندس بدليل نڪ بابت افواهون ڦهلائي ڇڏيون آهن.

تازو ئي هن پنهنجي نئين وڊيو سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪئي آهي، جنهن کي ڏسڻ کانپوءِ نيٽيزينز يقين ڪري رهيا آهن ته اداڪارا پنهنجي نڪ جي ڪاسميٽڪ سرجري ڪرائي آهي.

سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن موجب ڪترينا ڪيف جو چهرو اڳ ۾ ئي بدليل نظر اچي رهيو آهي.

Read Previous

ندا ياسر آن لائن فراڊ جو شڪار بڻجي وئي

Read Next

ماني سان شادي نه ٿئي ها ته 5 کان 6 شاديون ڪريان ها، حرا ماني

Most Popular