توشه خانه ڪيس: بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 12 سيپٽمبر تائين واڌ

توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري بشريٰ بي بي جي ضمانت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ بشريٰ بي بي جي خلاف توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپراءِ ڪئي. بشريٰ بي بي پنهنجي وڪيلن سلمان صفدر، انتظار پنجوتها ۽ نعيم پنجوتها سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي.

جاچ آفيسر چيو ته اسان کي اڳوڻي خاتول اول جي گرفتاري گهرجي. بشريٰ بي بي جي آڊيو فرانزڪ لاءِ ايف آءِ اي ڏانهن اماڻيل آهي.

ان موقعي تي وڪيل صفائي چيو ته 3 ڪلاڪ گهرايو وڃي ٿو، ڊگهو انتظار ڪرائڻ کان پوءِ ويهاريو وڃي ٿو. جاچ دوران اهو به نه ٻڌايو ويو ته مذڪوره آڊيو بشريٰ بي بي جي نه آهي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته معاملو رسيدن جو آهي ته آڊيو ڪٿان کان اچي وئي؟ ايف آءِ آر موجب ڪيس کي اڳيان کڻي هلو. جاچ آفيسر چيو ته عدالت کان استدعا آهي ته بشريٰ بي بي جي وائيس ميچنگ جي لاءِ وقت ڏنو وڃي. عدالت جاچ آفيسر جي استدعا منظور ڪري ورتي.

جنهن کان پوءِ عدالت بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 12 سيپٽمبر تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

پرينيتي ۽ راگهو جي 7 ڦيرا پائڻ جو وقت اچي ويو، شادي جي تاريخ طئي

Read Next

وفاقي سرڪار دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو

Most Popular