ليبيا ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگو 11 هزار کان وڌي ويو

ليبيا ۾ خوفناڪ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي رهيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب تازي اطلاعن موجب هن ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 11 هزار 300 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته سوين ماڻهو لاپتا آهن.

ساحلي شهر ڊارنا جي ميئر موجب سامونڊي طوفان سبب شهر مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ليبيا ۾ اختيارين جو چوڻ آهي ته آچر جي منجهند جو طوفان ڊينيئل بلغاريا، يونان ۽ ترڪي سان ٽڪرائڻ بعد ميڊيٽرينين سمنڊ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو.

واضح رهي ته ساحلي شهرن بن غازي ۽ درنا ۾ طوفاني برساتن سبب درياهه ۾ ٻوڏ اچي وئي، جڏهن ته درجنين ماڻهو ۽ گاڏيون ريل گاڏين ۾ ٻڏي ويا.

Read Previous

آمريڪي يونيورسٽي پاران پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويل ڀارتي شاگردياڻي کي ڊگري ڏيڻ جو فيصلو

Read Next

آمريڪي عورت سياستدان کي ميوزيڪل پرفارمنس مان ٻاهر ڪڍيو ويو

Most Popular