پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سان جاڙن شهرن ۾ عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿي ويون

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ ٿيندي ئي ان جا اثر عام واهپي جي شين تي ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

جاڙن شهرن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ پٽاٽا 82 کان 106 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. بصر 85 کان 110 روپيه ڪلو، ٽماٽا 90 کان 100 روپيه في ڪلو ۾ ملي رهيا آهن. ٿوم 430 کان 580 روپيه في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي جڏهن ته ادرڪ 1300 روپيه في ڪلو ۾ ملي رهي آهي.

فروٽ ۾ ڪيلو 160 روپيه في درجن ۽ آڙو 264 کان 310 روپيه ڪلو ملي رهيا آهن. انگور 357 روپيه ڪلو، صوف 220 کان 350 روپيه ۽ گولڊن صوف 150 کان 200 روپيه ڪلو ۾ ملي رهيو آهي.

ڪڪڙ جو گوشت في ڪلو 580 کان 600 روپيه في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. آچر بازارن ۾ قيمتون ته گهٽ آهن پر شين جو معيار صحيح نه آهي. شهرين چيو آهي ته مهانگائي غريب عوام جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. حڪومت کي ريليف ڏيڻ گهرجي.

Read Previous

بلاول ڀٽو پٽ جيان آهي ان جي باري ۾ ڪجهه نه ڳالهائيندس: اسحاق ڊار

Read Next

پي آءِ اي جو فضائي آپريشن بحال: ناڻي واري وزير خسارو برداشت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Most Popular