سنڌ ۾ وڌيڪ 3 عورتون قتل، قاتل مڙس نڪتا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ ٽن عورتن کي گولين سان پروڻ ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ٽنهي عورتن کي مڙسن قتل ڪيو آهي

ڪراچيءَ جي علائقي پير آباد ۾ مڙس پنهنجي گھرو واريءَ کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس قاتل مڙس کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو

پوليس موجب زال جي قاتل مڙس شروعاتي بيان ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته سندس زال جا غير مرد سان لاڳاپا هئا، مقتولا عورت جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

پوليس موجب پير آباد ۾ گھرواريءَ کي قتل ڪندڙ جوابدار جي سڃاڻپ عبدالغني جي نالي سان ٿي آهي، مقتولا جي سڃاڻپ 30 ورهين جي گل رازا جي نالي سان ٿي آهي

ٻيو واقعو گهوٽڪي جي علائقي سرحد ۾ پيش آيو آهي، جتي جوابدار پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو آهي

سرحد لڳ ڳوٺ علي حسن ساوند ۾ جوابدار غلام علي ساوند پنهنجي گهرواري27 ورهين جي موران کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو

ٽيون واقعو به گهوٽڪي جي علائقي جروار ۾ پيش آيو، جتي عورت کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

يارو لنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪوڙو مهر ساکاڻي ۾ عورت کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

علائقي ۾ چوٻول آهن ته غلام فريد شنڀاڻي رات دير سان پنهنجي زال کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو

پوليس موجب عورت جو لاش رات جي وقت بلوچستان منتقل ڪيو ويو آهي، جوابدار به گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي

Read Previous

سنڌ جي 28 ڌاڙيلن جي لسٽ تيار: جلد انجام تائين پهچائڻ لاءِ آپريشن تيز: اپيڪس ڪميٽي ۾ اهم فيصلا

Read Next

ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان: حسن جي واپسي: شاداب نائب ڪپتان مقرر

Most Popular