آمريڪا ڪئناڊا جي ڀيٽ ۾ ڀارت جي ئي چونڊ ڪندو؛ مائيڪل روبن

سک اڳواڻ جي قتل کانپوءِ ڪينيڊا ۽ ڀارت وچ ۾ سفارتي ڇڪتاڻ جاري آهي.

جڏهن کان ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو هڪ سک اڳواڻ جي قتل جو الزام ڀارت تي لڳايو آهي ته پوءِ مختلف ملڪ به ڀارت کان جاچ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

هاڻ ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پينٽاگون جي هڪ اڳوڻي آفيسر مائيڪل روبن چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا کي ڀارت ۽ ڪينيڊا مان چونڊڻو هو ته آمريڪا ڀارت کي ئي چونڊيندو.

ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي مائيڪل روبن چيو ته ڀارت اسٽريٽجڪ طور ڪينيڊا کان وڌيڪ اهم آهي ۽ ڪئناڊا جو ڀارت سان وڙهڻ ائين آهي جيئن ڪيولي هاٿي سان وڙهندي هجي.

Read Previous

لاهور ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

Read Next

برطانيا ۾ سگريٽ تي پابندي جو امڪان

Most Popular