ورلڊ ڪپ: قومي ڪرڪيٽ اسڪواڊ کي اڄ ڀارتي ويزائون جاري ٿيڻ جا چٽا امڪان

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) اڄ ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ڪرڪيٽ اسڪواڊ کي ڀارتي ويزائون جاري ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب ڀارتي سفارتخانو اڄ گهرو وزارت کان ان حوالي سان اين او سي حاصل ڪري وٺندو، اين او سي ملندي ئي ويزا جاري ڪيا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ويزائن جي معاملي تي آءِ سي سي سان رابطو ڪيو هو، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ڀارتي بورڊ کي جلد اين او سي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) گهرو وزارت کي جلد اين او سي جاري ڪرڻ لاءِ چيو آهي.

قومي ڪرڪيٽ اسڪواڊ اربع ڏينهن صبح جو دبئي حيدرآباد دکن روانو ٿيندو.

واضح رهي ته ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي پهرين وارم اپ ميچ نيوزيلينڊ خلاف 29 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي.

Read Previous

ايشين گيمز: ٽينس، مرد ڊبلز ۾ پاڪستان جي ڪامياب شروعات

Read Next

پرينيتي چوپڙا جي شادي جي رئي تي ”هندي زبان“ ۾ ڇا لکيل هو؟

Most Popular