پرينيتي چوپڙا جي مهندي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز ڇو رهي؟

بالي ووڊ جي مشهور ۽ نئين شادي شده اداڪارا پرنيتي چوپڙا جي هٿن تي مهندي ڀارتي ميڊيا جي خاص ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي.

پرينيتي چوپڙا جي مهندي کي خاص ڌيان ڏيڻ جو سبب اهو آهي ته شادي جي موقعي تي اداڪارا پنهنجا هٿ هندستان جي روايتي ڪنوارن وانگر مهندي سان ڀريل نه هئا پر هٿن جي پٺي تي رڳو هلڪي مهندي لڳائي هئي.

گذريل سال جڏهن رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ شادي ڪئي هئي ته عاليا ڀٽ به پنهنجي شادي تي هلڪي مهندي لڳائي هئي.

واضح رهي ته اداڪارا پرينيتي چوپڙا ۽ ڀارتي سياستدان راگھو چڍا گذريل ڏينهن ادي پور ۾ ويجهن دوستن ۽ مائٽن جي موجودگي ۾ شادي ڪئي هئي.

Read Previous

پرينيتي ۽ راگھو جي شادي، ثانيه مرزا ۽ منيش ملهوترا جا جلوا

Read Next

سائفر ڪيس: عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي جڊيشل رمانڊ ۾ واڌ

Most Popular