هرديپ سنگهه نجر جي قتل ۾ 3 نه پر 6 جوابدار ملوث هئا، آمريڪي ميڊيا

آمريڪي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته خالصتان موومينٽ جي اڳواڻ ۽ ڪئناڊا ۾ مقامي گرودواري جي سربراهه هرديپ سنگهه نجر جي قتل ۾ 3 نه پر 6 جوابدار ملوث هئا.

آمريڪي ميڊيا اها دعويٰ اکين ڏٺن شاهدن ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرا جي وڊيو جي بنياد تي ڪئي آهي.

رپورٽ موجب هرديپ سنگهه نجر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن هڪ نه پر ٻه گاڏيون استعمال ڪيون ۽ نجار جو قتل اڳ ۾ ڄاڻايل واقعي کان وڌيڪ منظم هو.

آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نجار جي ڪار کي پارڪنگ لاٽ ۾ جوابدار جي ڪار روڪيو ته اوچتو 2 نقاب پوش جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جوابدارن 50 گوليون فائر ڪيون جن مان 34 گوليون هرديپ سنگهه نجار کي لڳيون.

آمريڪي ميڊيا موجب هڪ اکين ڏٺي شاهد جو چوڻ آهي ته هن جوابدارن جو تعاقب ڪيو، جوابدارن سکن وانگر ڪپڙا پهريل هئا، جوابدار فرار ٿي ويا ۽ هڪ ٻي سلور ڪار ۾ ويٺا، جيڪا سندن انتظار ڪري رهي هئي.

Read Previous

علي رضا سيد هرديپ سنگهه نجر جي قتل جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 290 رپين کان به هيٺ اچي ويو

Most Popular