يورپي يونين ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 10 لک يورو امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو

يورپي يونين پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 10 لک يورو امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

يورپي يونين پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 10 لک يورو جي نئين امداد جو اعلان ڪيو آهي. اها امداد تازي چوماسي جي برساتن سبب متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ ڏني وئي آهي.

ان حوالي سان يورپي يونين جي ڪمشنر جينز لينارسڪ چيو آهي ته اسان پاڪستان ۾ چوماسي جي برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 1 ملين يورو انساني مدد جي لاءِ جاري ڪري رهيا آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ ڪجهه علائقن ۾ هڪ دفعو ٻيهر هزارين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ تاريخي ٻوڏ جي هڪ سال کان پوءِ يورپي يونين انتهائي ڪمزور ڪميونٽيز جي مدد لاءِ پرعزم آهي.

Read Previous

عراق ۾ شادي جي تقريب دوران باهه لڳي وئي، گهوٽ، ڪنوار سميت 113 ڄڻا سڙي فوت

Read Next

پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي پاڪستان تي حملن لاءِ افغانستان جي زمين استعمال ڪندي آهي: منير اڪرم

Most Popular