پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي پاڪستان تي حملن لاءِ افغانستان جي زمين استعمال ڪندي آهي: منير اڪرم

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان(ٽي ٽي پي) پاڪستان تي حملن جي لاءِ افغانستان جي زمين استعمال ڪندي آهي.

سلامتي ڪائونسل ۾ افغانستان تي اجلاس کي خطاب ۾ منير اڪرم چيو ته اميد ڪريون ٿا ته عبوري افغان حڪومت پنهنجا واعدا پورا ڪندي. هن زور ڏنو ته سلامتي ڪائونسل کي افغانستان سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ حڪمت عملي چٽي ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته افغانستان جي ڪرنسي ۽ شين جي اسمگلنگ پاڪستاني معيشت تي منفي اثر ڇڏي رهي آهي. ياد رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس کي خطاب دوران نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ به افغانستان جي زمين تان پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جو مسئلو اٿاريو هو.

گڏيل قومن جي اسيمبلي کي خطاب دوران پاڪستان جي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو هو ته افغانستان سان ڳالهيون هلي رهيون آهن پر افغانستان مان پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ داعش پاڪستان تي دهشتگرد حملا ڪري رهيا آهن. چاهيون ٿا ته ڪابل ان حملن کي روڪڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪري.

Read Previous

يورپي يونين ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ 10 لک يورو امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڄ دبئي کان ڀارت پهچندي

Most Popular