حيدرآباد ۾ ڀاڄائي سان شادي ڪرڻ لاءِ ننڍي ڀاءُ وڏي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

حيدرآباد ۾ ڀاڄائي سان شادي ڪرڻ جي لاءِ ننڍي ڀاءُ گهٽا ڏئي وڏي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب واقعو ايئرپورٽ روڊ جي علائقي ۾ پيش آيو آهي جتي جوابدار ڀاڄائي ۽ دوست سان ملي پنهنجي وڏي ڀاءُ کي نشي واري شئي پياري بيهوش ڪيو ۽ پوءِ گهٽا ڏئي کيس قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب جوابدار واقعي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ لاءِ لاش کي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيو جڏهن ته جاچ لاءِ جوابدار کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو ته هن قتل جو پڻ اعتراف ڪيو آهي.

پوليس موجب جوابدار پنهنجي ڀاڄائي سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي جنهن جي لاءِ هن پنهنجي وڏي ڀاءُ کي قتل ڪيو، پوليس مقتول جي گهر واري ۽ ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

Read Previous

ڪراچي جا ايس ايس پيز ۽ ڊي آءِ جيز بي اختيار: ايس ايچ اوز بدلي جا اختيار به ايڊيشنل آءِ جي حوالي

Read Next

نيپال: زلزلي سبب لينڊ سلائيڊنگ دوران عورت فوت ٿي وئي

Most Popular