هلندڙ سال جو آخري سج گرهڻ 14 آڪٽوبر تي ٿيندو

هلندڙ سال جو ٻيو ۽ آخري سج گرهڻ 14 آڪٽوبر تي ٿيندو.

هن گرهڻ کي Ring of Fire سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان دوران چنڊ ​​سج کي اهڙيءَ طرح لڪائي ڇڏيندو جو ان جو ٻاهريون حصو انگوزي يا خول وانگر نظر ايندو.

هي سج گرهڻ پاڪستان ۾ نه پر رڳو اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ نظر ايندو.

گرهڻ 14 آڪٽوبر تي پاڪستاني وقت موجب رات 8 لڳي 35 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ 15 آڪٽوبر تي رات 2 لڳي 25 منٽن تي ختم ٿيندو.

Read Previous

نيپال: زلزلي سبب لينڊ سلائيڊنگ دوران عورت فوت ٿي وئي

Read Next

ڀارت ۾ پرڏيهي فنڊنگ جو الزام، ڪيترائي صحافي گرفتار

Most Popular