آپريشن کانپوءِ نسيم شاهه پنهنجي ماءُ کي ياد ڪري روئڻ لڳو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر نسيم شاهه ڪلهي جي سرجري کانپوءِ ماءُ کي ياد ڪري روئڻ لڳو.

نسيم شاهه ڪاوڙ واري حالت ۾ چيو ته هو پنهنجي ماءُ کي تمام گهڻو ياد ڪري رهيو آهي، منهنجي ماءُ کي مون تي فخر هوندو؟

نسيم شاهه به روئيندي چيو ته منهنجي ماءُ دنيا جي بهترين ماءُ آهي.

واضح رهي ته نسيم شاهه جي ڪلهي جي سرجري انگلينڊ ۾ ٿي آهي.

ياد رهي ته نسيم شاهه کي گذريل مهيني ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ ۾ ڪلهي ۾ تڪليف ٿي هئي جنهن کانپوءِ ڊاڪٽرن سرجري جو مشورو ڏنو هو جنهن سبب هو ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل نه ٿي سگهيو هو.

Read Previous

ارطغرل غازي کانپوءِ عثمان به ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان ايندو

Read Next

شاداب خان جي 25 هين سالگرهه، زال جو سرپرائز

Most Popular